چڪ (ن پ ا) چڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن رستم، محمدآباغ، کاهي، ڀرڪڻ ۽ عبدو سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ بعد گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري خاص طور روزيدار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هوڏانهن واپارين ڪاٺين جي اگهه ۾ پڻ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت علائقي ۾ في مڻ تي 150 رپيا واڌ سان ڪاٺيون في مڻ 550 رپيا وڪرو ٿي رهيون آهن. شهرين فاروق سمون، ڪوڙو سيٺار، محمد موسيٰ چوهاڻ، شريف سومرو ۽ ٻين چيو ته گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.
پيج3