جهنڊومري (ن پ ا) تعلقي جهنڊومري جي هيڊ ڪواٽر پيارولنڊ ۾ مختيارڪار جهنڊومري غلام شبير ميرجت تپيدار الله نواز رند ۽ پوليس سان گڏ شهر جي ڪريانه اسٽورن سبزي۽ فروٽ جي ريڙن ۽ دڪانن تي ريٽ لسٽن کان وڌيڪ اگھه وصول ڪندڙ دوڪانن تي ڏنڊ وڌو. هن دوڪاندارن کي چيو ته اڳتي جيڪو به وڌيڪ آگھه وٺندو انهي کي ڏنڊ سان گڏ سزا به ڏني ويندي. مختيارڪار نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان وڌيڪ ڳالهيندي چيو ته رمضان المبارڪ جو برڪتن ڀريو مهينو آهي، هن مهيني ۾ وڌيڪ ريٽ وٺڻ ناجائزي آهي اسان جوفرض آهي ته ريٽن تي ڪنٽرول ڪري غريبن کي مناسب ريٽ تي سامان ملي سگهي.