سانگهڙ(رپورٽر) عيد جي خريداري لاءِ آيل معصوم ٻارڙن سان پورهيت ڀل مان پنھنجي موٽر سائيڪل جي ڀر ۾ بيٺل ٻئي جي موٽرسائيڪل ۾ ھٿ وجھڻ تي پوليس اهلڪار پورھيت سر عام تذليل ڪندو رهيو. ڳوٺاڻي پورھيت جي منٿن ميڙن جي باوجود پوليس اهلڪار کيس گاريون ڏيندو رهيو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي آهي. سانگھڙ ۾ عيد خريداري لاءِ آيل پورهيت گرمي ۽ تڪڙ ۾ پنهنجي موٽر سائيڪل جي ڀر ۾ بيٺل موٽرسائيڪل ۾ هٿ وڌو ته اتي موجود اهلڪار ڳوٺاڻي تي ڏمرجي پيو ڳوٺاڻي جي تذليل ڪندي ٿاڻي تي کنڀي ويو، سوين شهري گڏ ٿي ويا. اهلڪار کي منٿون به ڪندا رھيا پر اهلڪار هڪ به نه ٻڌي. جڏهن ته ان کان اڳ به ڄاڻايل اهلڪار ذوالفقار پنهور جي منٿلي اوڳاڙيندي واري وڊيو پڻ وائرل ٿي چڪي آھي.