قمبر (رپورٽر) قمبر ويجهو ننڍي ڀاءُ گهرو معاملي تان وڏي ڀاءُ کي گولي هڻي ڇڏي، زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل. خبر موجب قمبر جي ڊرگھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀنڊا بليدي ۾ گهريلو معاملي تان جوابدار خادم بليدي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ 52 سالن جي عبدالنبي بليدي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي بروقت علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.