پٿورو ويجهو گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ

0
326

پٿورو(ن پ ا) پٿوري تعلقي جي شھر شادي پلي جي وارڊ نمبر ٻه جي رهواسي 12 سالا معصوم ٻارڙي راجو ولد هرسن ڪولهي جو لاش شادي پلي شھر جي هڪ پراڻي هوٽل وٽ مليو آھي، جنهن کي شھرين ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پٿورو منتقل ڪيو، ٻارڙو ڪالهه شام کان گهران گم هو، وارثن پاران ڪافي ڳولا پڻ ڪئي وئي پر ڪوبه پتو نه پيو هو، جڏهن ته اڄ ٻارڙي جو لاش ھٿ آيو آھي.