پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ سومر ملاح جي رھواسي نوجوان غازي پٽ عاشق ملاح پنهنجي ئي برادري جي ناري شازيا ڌيءَ الھوڌايو سان پسند جي شادي ڪرڻ بعد ڇوڪري جي وارثن بابر ۽ عرفان ملاح مبينا طور حملو ڪري فائرنگ ڪري نوجوان غازي کي سخت زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته موقعي تي ئي ھڪ حملي آور جوابدار بابر ملاح کي زخمي نوجوان جي وارثن پڪڙي سخت تشدد ڪرڻ بعد ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو. اطلاع تي برادي جتوئي پوليس پهچي حملي آوور جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، زخمي نوجوان غازي ملاح کي پھرين پيرجوڳوٺ بعد ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.