سانگھڙ (رپورٽر) سانگهڙ شھر جي وارڊ نمبر 2 جي رھواسي نشي جي عادي عاشق علي کي ماءُ تي تشدد کان روڪڻ تان جوابدار مڇرجي پنهنجي وڏي ڀاءُ معشوق علي جي مٿان نشي۾ ڌت ٿي تيزاب هاري ڇڏيو، سندن ٻڍڙي ماءُ غلام فاطمه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو پٽ عاشق علي موالي آھي، نشو ڪري منھنجي مٿان تشدد ڪندو ھو، اڄ به نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجي وڏي ڀاءُ معشوق علي مٿان تيزاب هاري ڇڏيو اٿس. اسان کيس نشو ڇڏائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون، پر نشي آور شيون گھٽي گھٽي ۾ سستي وکر جيان ملي رھيون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ ڏينھن پھريان مون ايس ايس پي سانگهڙ جي آفيس ۾ اھڙي درخواست پڻ ڏني هئي، درخواست تي عمل ٿئي ھا ته اھڙو واقعو پيش نه اچي ھا. ٻڍڙي روئيندي اپيل ڪئي ته سانگهڙ مان نشي جي فروخت تي سخت کان سخت پابندي لڳائي وڃي. جيئن اسان مسڪينن پورھيتن جا گھر برباد ٿيڻ کان بچي سگھن.