حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جينڪوز هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي مهيني اندر نئون سي اي او مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين جي سيڪريٽري جنرل محمد ساجن پنهور پنهنجي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي سي اي او جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏيندي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو. هن موقف اختيار ڪيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جينڪوز هولڊنگ ڪمپني ۾ جنوري 2018ع ۾ محمد عمران کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن وٽ انجنيئرنگ جي ڊگري ئي موجود نه آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل آگاهي ڏني ته قابليت نه هئڻ سبب ڄاڻايل سي اي او جي موجودگي دوران بجلي پيدا ڪندڙ ڪجهه يونٽ پڻ بند ٿي ويا آهن جنهن جو ذميوار چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي ڇاڪاڻ ته وٽس انجنيئرنگ جي ڊگري سميت ڄاڻايل شعبي کي هلائڻ جو ڪو تجربو به نه آهي ان ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ڄاڻايل چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.