لاڙڪاڻي ۾ پراونشل ڊويزن جي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ۾ جهيڙو

0
273

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پراونشل بلڊنگ اين آءِ ٽي جي مسئلي تان پراونشل ڊويزن لاڙڪاڻي جي انجنيئر ۽ ملازمن ۾ منهن ماري دوران جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ھڪٻي کي سخت ڪٽڪو ڏنو ويو ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، انجنيئر آفتاب ابڙو ۽ سندس ملازم ۽ ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو وچ ۾ جھيڙي بعد ٻيھر ٺيڪيدار ماڻهو وٺي جھيڙي لاءِ پھتو، جيڪي داروغي کي ڏنڊا بردار ماڻهن ڪٽڪو ڏئي ھليا ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جو ننڍو ڀاءُ رحمت ابڙو به ڏنڊا بردار ماڻهو وٺي داروغي علي حسن خاصخيلي ۽ ڪلارڪ سان جهيڙي لاءِ پھتا ۽ داروغي کي ڏنڊا بردار ماڻهن ڪٽڪو ڏئي ھليا ويا، ملازمن جو چوڻ آهي ته داداگير انجنيئرنگ مڙھيو ويو آهي، هن زبردستي اڍائي ڪروڙن جي اين آءِ ٽي ڪئي آهي، واقعي بابت حد جي پوليس اطلاع باوجود نه پھتي .