سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي بندر محلي جو رھواسي 28 سالن جو نوجوان عبدالرحمان عرف گادو ملاح 15 سالن کان گٽڪي وارو پان استعمال ڪرڻ جي ڪري ٻن سالن کان وات جي ڪينسر واري مرض ۾ جھيڙڻ بعد سيوھڻ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنھن جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي سندس والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ۽ سندس گھر ڀاتين ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي ان بعد فوتي نوجوان جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ڪيئر ڪالوني ڀرسان ڪئي وئي. ٻڌايو ويو ته فوتي نوجوان تيز پتي وارا پان تمام گھڻا استعمال ڪندو ھو ۽ سندس چپن ۽ وات ۾ ڳوڙھو ٿي پيو ھو.