سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي جي عدالت سانگهڙ خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي ايف سي منور آرائين سوڌو 6 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي،ڊي ايف سي منور آرائين ۽ ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، جوابدارن ۾ امتياز مگسي. غلام سرور ڀٽو. عبدالحئي. واپاري رانجهو مل ۽ منگهو مل شامل آهن جڏهن ته عدالت ريفرنس ۾ شامل شاهدن کي پڻ 21 جون تي طلب ڪري ورتو آهي واضح رهي ته نيب سکر ٽيم خوراڪ کاتي سانگهڙ ۾ سرڪاري خريد ڪيل ڪڻڪ ۾ 2 ڪروڙ 90 لک رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس ڊي ايف سي منور آرائين ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.