ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاه ۾ ثقافت کاتي پاران حيسڪو آفيس جي عمارت به خالي ڪرائڻ لاء نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن ريڊيو اسٽيشن جي عمارت کانپوء حيسڪو آفيس به 30 ڏينهن اندر خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آھي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت صوبائي وزير سيدسردارشاه جي هدايتن تي نوٽيس ڏنا ويا آھن ثقافت کاتي جي عملدار غلام مجتبا جوکيو جو چوڻ آهي ته ريڊيو اسٽيشن ۽ حيسڪو آفيس جون عمارتون ثقافت کاتي جي ملڪيت آهن 30 ڏينهن اندر ٻئي عمارتون خالي ڪري کاتي کي واپس ڪرڻ لاء نوٽيس ڏنا ويا آھن .