گڊو (ن پ ا) گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي 600 ميگا واٽ ڀرسان ڪچري کي اچانڪ باھ لڳي وئي، جنهن دوران رھائشي ڪالوني جي بجلي سپلاءِ معطل ٿي وئي، انتظاميا پاران ايمرجنسي لاڳو ڪري باهه کي وسائڻ لاءِ ٽي فائر برگيڊ گاڏيون طلب ڪيون ويون، جن پھچي باهه تي ضابطو آندو، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته 600 ميگا واٽ جي سوئچ يارڊ مان واپڊا رھائشي ڪالوني لاءِ نڪرندڙ 220 ڪي وي جي پي وي سي ڪيبل ۾ شارٽ سرڪٽ ٿيڻ ڪري باهه لڳي، بعد ۾ سڙي ويل ڪيبل کي تبديل ڪري بجلي جي سپلاءِ کي بحال ڪيو ويو آھي.