حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي واري علائقي مان هندو نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارث پريشان. ٻڌايو پيو وڃي ته علي آباد جو رهواسي 18 سالن جو اشوڪ ڪمار پٽ منو مينگهواڙ ڪالهه منجهند جو گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو. گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ مڪيش ڪمار جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ ٽيلر ماسٽر جي دڪان تي درزڪو ڪم ڪندو آهي. ڪالهه منجهند ڌاري درزي جي دڪان تان ماني کائڻ آيو هو جنهن بعد گهران ٻيهر ٻاهر نڪتو جيڪو اڃا تائين واپس گهر نه موٽيو آهي. گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ موجب انهن ڀاءُ جي گمشدگي بعد هٽڙي ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي. پر پوليس اڃا تائين سندن ڀاءُ جي ڳولا شروع نه ڪئي آهي. هوڏانهن گم ٿيل نوجوان جا وارث سخت پريشان آهن ۽ انهن نوجوان جي ڳولا شروع نه ٿيڻ تي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج دوران نوجوان جي وارثن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. رابطو ڪرڻ تي هٽڙي ٿاڻي جي وڏي منشي حاجن دل تصديق ڪئي ته نوجوان اشوڪ جي گمشدگي بابت سندس وارثن اطلاع ڏنو آهي جنهن ۾ انهن ڄاڻايو آهي ته نوجوان گهران ماني کائي ٻاهر نڪتو ۽ هو ڪاوڙ ۾ پنهنجو موبائيل فون به گهر ڇڏي ويو آهي. پوليس موجب وارثن جي اهڙي اطلاع بعد انهن نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. آخري اطلاعن تائين نوجوان ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو هو.