ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي دو درياءَ ۾ خاتون فزيو ٿراپسٽ ساره ملڪ جي مبينه خودڪشي واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس ڪالهه جوڊيشل مئجسريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ گرفتار جوابدارن کي پيش ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر چالان پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته ڪيس ۾ مک جوابدار ڊاڪٽر شان سليم،  بسما ۽ وقاص کي گرفتار ڪيو ويو آهي،