تنگواڻي (ن پ ا) ڳوٺ غلام سرور گجراڻي ۾ ملوڪ مري جي گهر مان هٿياربندن چوري جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، چورن ۽ ڀاڳين جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي ظفرالله مري زخمي ٿي پيو، ڳوٺاڻن ٻن چورن حيدر ڏاهاڻي ۽ فضل ڏاهاڻي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو،مري ۽ ڏاهاڻي برادري  معاملي کي نبيريندي چورن مٿان 5 لک چٽي رکي، هوڏانهن ڳوٺ تاج محمّد کوسو ۾ چور زميندار سعيد کوسو جو ٽريڪٽر چوري ڪري ويا ۽ ڳوٺ بالاچ ڏاهاڻي ۾ پهردين ڏاهاڻي جون 4 ٻڪريون چور ڪاهي ويا.