جيڪب آباد (رپورٽر) قصور ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل ٽن واپارين ڪرپال داس، سني ڪمار ۽ وشال ڪمار جي وارثن وٽ الزام ھيٺ آيل ڌر محمد رفيق، حاجي يونس چيمبر آف ڪامرس جي جيڪب آباد جي صدر احمد علي بروھي ۽ ھندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي سان گڏجي شاھه غازي پاڙي سندس گهر ميڙ جي صورت ۾ پھچي وارثن سان ڏک ونڊيو ۽ کين يقين ڏياريو ته قصور واقعو اتفاق آھي، اسان کاڌي ۾ زھر ناھي ڏنو، ڪا به دشمني ناهي، هر صفائي ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، اسان جا 2 ڄڻا عثمان ۽ الهڏتو پوليس وٽ گرفتار آهن اهي آزاد ڪرائي ڏيو، فوتي ڪرپال داس جي ڀيڻيويي سندر داس چيو ته اسين ميڙ ۾ آيل مھمانن کي مان ڏيندي جيل ۾ ٻڌل ماڻھو ڇڏائي ٿا ڏياريون ،باقي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جيڪڏھن ھنن مٿان ڏوھ ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ اسين کين گرفتار ڪرائي سزا ضرور ڏيارينداسين، ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ قصور ۾ مڇي کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا هئا.