ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ساره خان جي مڙس فلڪ شبير موجب ساره جي طبيعت هاڻ بهتر آهي، انسٽاگرام اسٽوري تي فلڪ شبير ساره جي نئين وڊيو شيئر ڪندي مداحن کي اطلاع ڏنو ته ساره خان جي هاڻ طبيعت بهتر آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اداڪاره ساره خان جي مينيجر جو چوڻ آهي ته ساره ٽائيفائيڊ ۾ مبتلا آهي، ان کي تيز بخار ۽ الٽين جي شڪايت جي ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.