ڪراچي: اداڪاره شهزينا به شينهن ڪلهي چڙهي وئي، نڪاح به ٿي ويو، تصويرون وائرل ٿي ويون سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي اداڪاره شهزينا جي نڪاح جو تصويرون ۽ وڊيو وائرل ٿي رهيون آهن. وڊيو ۾ اداڪاره سفيد ۽ ڳاڙهي رنگ جو عروسي لباس پاتل آهي ۽ نڪاح نامي تي صحيحون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ اداڪاره ڪٽنب ۽ دوستن سان نڪاح جي تقريب انجواءِ ڪندي خوشگوار موڊ ڏسي سگهجي ٿو پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته گهوٽ ڪهڙي ڪرت سان تعلق رکي ٿو.