ممبئي(شوبزنيوز) ليجنڊ اداڪار ڌرميندر جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي جنهن ڪري فلم اپني ٽو جي شوٽنگ ٻيو ڀيرو روڪي وئي آهي. اها فلم 2007ع جي فلم اپني جو سيڪيوئل آهي جنهن ۾ ڌرم کانسواءِ سندس پٽ سني ديول ۽ بوبي ديول به ڪم ڪري رهيا آهن، هدايتڪار انيل شرما آهي. سني ديول جو پٽ ڪرن ديول به پهريون ڀيرو هن فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انيل شرما چيو ته اسان لاءِ فلم کان وڌيڪ ڌرم جي صحت اهم آهي ڪا خبر ناهي ته ٻيهر شوٽنگ ڪڏهن شروع ٿيندي.