ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري دانشور توصيف احمد چيو آهي ته  ننڍي کنڊ جي عظيم اڳواڻن ۾ سائين جي ايم سيد وڏو مدبر ، عالم ، فاضل ۽ ملڪي توڙي عالمي سطح صورتحال تي ڳوڙھي نظر رکندڙ اڳواڻ ھو . مذھب، قوم، ۽ محبت جي فلسفي کي سمجھڻ لاءِ جي ايم سيد جو ڪتاب لازمي پڙھڻ گھرجي . ڪالهه پريس ڪلب ۾ خادم حسين سومرو پاران سائين جي ايم سيد جي اردو ۾ ڪيل ترجمي واري ڪتاب “ جي ايم سيد ۽ داستان محبت ” جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جي ايم سيد جي ڪتابن کان پھريان اسان کي شاھه  عبداللطيف ڀٽائي کي ھڪ پير  طور پڙھايو ٿي ويو، جي ايم سيد ڀٽائي جي شاعري ۽ سندس فڪري ۽ علمي سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو ـ  ھي ڪتاب ڪاليج يا اسڪول سطح تي نصاب طور پڙھائڻ گھرجي.صحافي اي ايڇ خانزادي چيو تھ سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ جو تمام وڏو اڳواڻ آھي ، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ايم سيد جي سکيا مان سبق حاصل نه ڪري سگھيا آھيون. ليکڪ خادم حسين سومري چيو تھ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “ ديار دل، داستان محبت “ بهترين ڪتاب آھي،  سنڌ جو سيد صوفي سوچ ۽ امن سان گڏ بيٺل رھيو . نوجوانن کي جي ايم سيد جا ڪتاب پڙھڻ گھرجن . تقريب کي توقير چغتائي  صحافي محمد يونس مھر  ۽ ٻين خطاب ڪيو