حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سال 2022ع دوران روڊ حادثن دوران شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 143 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 281 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايڌي سينٽر جي انچارج معراج الدين قريشي پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 15 ڄڻن خودڪشي ڪئي جن جا لاش مختلف هنڌن تان کڻي اسپتالن تائين پهچايا ويا. اهڙي ريت مختلف علائقن مان کين 21 تازن ڄاول ٻارڙن جا لاش به هٿ آيا جيڪي انهن مقامي قبرستانن ۾ دفنائي ڇڏيا. ايڌي موجب ته شهر ۾ قائم پوليس ٿاڻن ۽ اسپتالن معرفت کين 117 لاوارث لاش به مليا، جيڪي غسل ڪفن بعد انهن مقامي قبرستانن ۾ دفنائي ڇڏيا. سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي واري تعلقن توڙي ٿاڻن جي معرفت کين 34 لاوارث ماڻهو به فراهم ڪيا ويا جن کي انهن ڪراچي ۾ ايڌي هوم منتقل ڪيو. سالياني رپورٽ ۾ ايڌي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ايڌي فائونڊيشن پاران روڊ حادثن توڙي لاوارث ملندڙ لاش اسپتالن ۽ قبرستانن تائين پهچائڻ لاءِ هو مفت ۾ سروس فراهم ڪن ٿا. ساڳئي ريت انهن لاوارث توڙي گم ٿيل ماڻهن کي به ايڌي هوم منتقل ڪيو. اهڙي ريت انهن برساتي ٻوڏ دوران متاثرين کي راشن جي فراهمي سميت ٻي سروس به فراهم ڪئي.