حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سٽي واري علائقي ۾ ميٽ سيڪشن عملي پاران گوشت مارڪيٽ ۾ ڪارروائي ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سٽي جي انچارج مقيم شيخ جو چوڻ آهي ته انسپيڪٽر شاهد قريشي ميٽ سيڪشن جي عملي سان ملي مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ گوشت هٿ ڪري آفيس منتقل ڪيو جتي پريشر واري گوشت کي ضايع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شهرين کين شڪايت ڏني آهي ته غيرقانوني ڪوس گهرن ۾ بيمار جانور ذبع ڪري انهن جو گوشت مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.