زمان پارڪ ۾ رڳو هڪ عورت آهي ته پوليس تي گوليون ڪنهن هلايون ۽ پيٽرول بم اُڇليا: مريم نواز

0
174

نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ رڳو هڪ عورت آهي ته پوليس تي گوليون ڪنهن هلايون ۽ پيٽرول بم اُڇليا، پي ٽي آءِ وارا ڪوڙ ڳالهائڻ کان پهرين سوچيندا به نه آهن

 

 نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نوازسوشل ميڊيا تي لاهور پوليس تي پيٽرول بم اُڇلڻ جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگرد جماعت آهي، جنهن جي ڪرتاڌرتا سزا کان بچڻ لاءِ شرپسندن کي گهر ۾ رکيو آهي

مريم نواز جو چوڻ هو ته جڏهن کان دهشتگرد خان کي زوري سياست ۾ آندو ويو، تڏهن کان ملڪ ڏڦيڙ ۽ فتني جو شڪار آهي، عمران خان کي آڻيندڙ به پنهنجي انجام پهچي ويا

 توشہ خانہ کیس میں پیشی: عمران خان کا قافلہ سری نگر ہائی وے پہنچ گیا

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي عمران خان جي گرفتاري جي خدشي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي لکيل خط ۾ اسد عمر چيو آهي ته عمران خان عدالتي حڪمن تي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيو آهي، عمران خان گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ مان 9 ڪيسز ۾ ضمانت ورتي هئي

عدالت عمران خان خلاف ظالماڻين ڪارروائين کان روڪيو، هڪ پاسي عمران خان جي گهر تي حملو ڪري در ٽوڙيو ويو، ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس بدترين خوف جو ماحول پيدا ڪيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر موجب خدشو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اڻڄاتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو، عمران خان جي زندگي ۽ بُنيادي حقن جي تحفظ لاءِ چيف جسٽس فوري طور پاڻمرادو نوٽيس وٺي

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس، عمران خان جو قافلو اسلام آباد ۾ داخل