زال پاران مڙس تي جنسي تشدد ۽ جنسي عضوي تي جهير ڏيڻ جو الزام

0
546

کاڻوٺ: ڳوٺ خاصائي جي عورت شاهده پاران مڙس تي نازڪ عضوي تي جهير ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته مڙس نشو کارائي زبردستي ڪرڻ سان گڏ تيز ڌار سان نازڪ عضوي تي جهير ڏنا. هوش ۾ آيس ته رتو رت هيس، علاج لاء مائٽ مانجهند اسپتال کڻي آيا. مانجهند اسپتال مان ڪوٽڙي ريفر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مڙس علي نواز پنجن سالن کان تشدد ڪندو پيو اچي. کاڻوٺ پوليس وٽ ويس پر انهن ڪوبه داد فرياد نه ڪيو. پوليس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي موڪلي ڇڏيو، مانجهند مان ڪوٽڙي آيا آهيون پر ڊاڪٽر تعاون نٿا ڪن. کاٺوٺ پوليس جو چوڻ هو ته عورت جي فرياد تي کيس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏنو آهي، ميڊيڪل رپورٽ بعد جاچ ڪئي ويندي.