رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي. رپڙيءَ ويجهو ڳوٺ جلال مڱڻيجو ۾ مٺل مڱڻيجو جي  7 سالن جي نياڻي لاريب مڱڻيجو ڳوٺ ٻاھران ڍنڍ ڪناري تي راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي. نينگريءَ سان گڏ کيڏندڙ ٻارڙن جي دانھن تي ڳوٺاڻن پھچي ٻارڙِيءَ کي پاڻي مان ٻاھر ڪڍي مقامي ڊاڪٽر وٽ پھچايو، جنهن نينگريءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نينگريءَ جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.