ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستيءَ ڀرسان ڳوٺ دوست محمد مريءَ ۾ ڇھين ڪلاس جي شاگرد 14سالن جي راشد  علي پٽ منٺار علي شيخ کي گھر اندر نانگ ڪکي وڌو. واقعي بعد وارثن نينگر کي کڻائي بيھوشي واري حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ داخل ڪرايو. ڊاڪٽرن پاران نينگر جي حياتي بچائڻ جي ڪوششن باوجود نينگر جي جسم ۾ زھر ڦهلجڻ سبب راشد علي علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو. نينگر جو لاش ٽنڊو مستي لڳ اباڻي ڳوٺ آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو ۽ والدين صدمي ۾ بيهوش ٿي ويا.