اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي جاچ لاءِ قائم ٿيندڙ ڪميشن جي سربراهي اڳوڻي جج عبدالشڪور پراچا معذرت ڪري ڇڏي، ذريعن ٻڌايو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج عبدالشڪور پراچا ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪئي آهي، جنهن بابت هن وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن اهڙي معذرت ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ کان ڪرائڻ وارين ڳالهين کان پوءِ ڪئي آهي، ياد رهي ته وفاقي ڪابينا جسٽس (ر) عبدالشڪور پراچا جي سربراهي ۾ جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏني هئي، ان ڪميشن کي ارشد شريف جي والده قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.