ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سياستدانن، قومپرستن ۽ کاٻي ڌُر جي اڳواڻن چيو آهي ته کاٻي ڌر جي اڳواڻ يوسف مستي خان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪامريڊ يوسف مستي خان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ اختر مينگل چيو ته اسان هاڻ رڳو ڏينهن ۽ ورسيون ملهائيندا آهيون، اسان اهڙي رياست ۾ رهون پيا، جتي رڳو عهدن جي پريشاني ۾ هوندا آهيون ته ڪنهن کي آرمي چيف ۽ ڪنهن کي وري وزيراعظم بڻايو وڃي؟ اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف  کانپوءِ ڪير وزيراعظم ٿي ايندو؟  اهي حالتون اوچتو پيدا ناهن ٿينديون. پلاننگ 10 سال اڳ ۾ ڪئي ويندي آهي.  هن چيو ته اسان 75 سالن ۾ سک جو ساھه ناهي کنيو. اڄ به ڪير مسنگ پرسن وارو معاملو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان عمران خان تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، کيس  4 نه پر هڪ گولي لڳي آهي. اسان جي ماڻهن کي سوين گوليون لڳن ٿيون  پر ڪير ڏيکارڻ وارو ناهي. اوليائن جي شهر ملتان جي ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ۾ 5 سئو لاش مليا، ٻڌايو وڃي ته  اهي لاش ڪنهن جا هئا؟ اهو حڪومت ۽ رياستي ادارن لاءِ سواليا نشان آهي پر ان تي پردو وڌو پيو وڃي. مونکي شڪ آهي ته اهي لاش اسان جي گم ٿيل نوجوانن جا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ اجتماعي قبرستان ملي رهيا آهن. اسانجي مائرن ۽ ڀينرن کي پيارن جي اوسيڙي ۾ ڪيترائي سال گذري ويا، کين رڳو لاش ملي رهيا آهن،  اسان رياست مان ڪهڙي اميد رکي سگهون ٿا؟ حقيقي جمهوريت ايندي نظر نٿي اچي، عوامي جدوجهد لاءَ سمورين سياسي پارٽين جو گڏ ٿيڻ لازمي آهي. ڪاريون رڍون اسان کي گڏ ويهڻ نه ٿيون ڏين، جيڪي گڏ هئا، ان کان الڳ ڪيئن ٿيا؟ پارليامينٽ ۾ به ملڪ جي ڀلائي لاءِ گڏ نٿا ٿين. تقريب کي افضل خان، صحافي مظهر عباس بخشل ٿلهو ۽ ٻين خطاب ڪيو