لاهور (م ڊ) چيف سيڪريٽري تي مقرري تي به پنجاب ۽ وفاق ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار، چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران علي افضل جي چوٿون ڀيرو هڪ مهيني لاءِ موڪل منظور ڪئي وئي، وفاقي حڪومت گورنر هائوس پنجاب کي تحفظ نه ڏيڻ تي 2 ڏينهن اڳ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي به معطل ڪيو هو.