لاهور (م ڊ) پاڪستان ريلوي جي اختيارين ريلوي جي ڀاڙن ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي. مال  بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو، سڀني مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته پارسل ۽ لگيج ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ريلوي کاتي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 14 جون تي ئي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ايڪسپريس ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو ۽ فريٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو.