ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار  ملٽري ڪورٽ مان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ هيٺ آيل  عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي، عدالت طرفان ڌرين کي نوٽيس جاري، جوابدار محمد حنيف کي ملٽري ڪورٽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ  هيٺ  عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، پراسيڪيوشن موجب جوابدار محمد حنيف ايم ڪيو ايم لنڊن جي جوابدار جاويد لنگڙا جو ڀاءَ آهي، کيس ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي، جوابدار کي 24 جنوري 2016 تي گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حنيف کي 24 اپريل 2015 ع تي حراست ۾ ورتو ويو، جيل ۾ گذاريل وقت کي شامل ڪيو وڃي ته جوابدار آزادي جو مستحق آهي، جوابدار کي آرٽيڪل 382 جو فائدو به نه ڏنو ويو