ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ داخلائن ۾ بي  ضابطگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار نيشا ڪماري موقف اختيار ڪيو ته خالي سيٽن تي 65 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي داخلائون ڏنيون ويون، مون 84 سيڪڙومارڪون کنيون پر مون کي داخلا نه ڏني وئي، داخلائن ۾ ٿيل بيضابطگين جي جاچ ڪرائي مون کي ايم بي بي ايس ۾ داخلا ڏني وڃي. عدالت ڪاليج انتظاميا کي حڪم ڪيو ته نيشا ڪماري کي داخلا ڏئي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي