حيدرآباد( بيورو رپورٽ) روينيو کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ روينيو عملدارن ۽ عملي جي سيڪيورٽي لاءِ  سنڌ حڪومت  قانوسازي ڪري رهي آهي ته جيئن کين سهولتون ملڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي، شهباز بلڊنگ ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران منقعد افطار پارٽي ۽ پارڪ جي افتتاح دوران ڳالهائيندي  صوبائي وزير چيو ته  روينيو کاتي ۾ اي اسٽيمپنگ جي طرز تي تمام جلد اي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن صاف ۽ شفاف طريقي سان روينيو رڪارڊ محفوظ بڻجي سگهي. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن خاص طور تي ضلعي مٽياري ۾ جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي ان ڪري آر او پلانٽ سان گڏ وڏي پيماني تي وڻڪاري ۽ ٻيلا لڳايا ويندا ته جيئن قدرتي ماحول تي مثبت اثرن سان ماحول کي صحتمند بڻائي سگهجي. صوبائي وزير چيو ته جهڙي طرح پوليس کاتي ۾ شهيدن ٿيلن جي وارثن کي  انشورنس ۽ ٻيا فائدا ملن ٿا اهڙي طرح اينٽي انڪروچمنٽ عملي جي وارثن کي انشورنس سميت ٻيون مراعتون مهيا ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري روينيو ۽ قانون واري کاتي سان صلاح بعد رولز بڻايا ويندا جڏهن ته روينيو عملي جي ترقين ۽ ٻين سهولتن لاءِ سندن ڪم جاري آهي ۽ هلندڙ دور ۾ انهن 400 ملازمن کي ترقيون ڏنيون آهن, افطار ڊنر پارٽي ۾ سڄي سنڌ مان روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ چيو ته حيدرآباد ڊويزن جي روينيو عملدارن جي هر شعبي ۾ ڪارڪردگي ٻين ڊويزن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي جڏهن ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ روينيو عملدارن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ رٿابندي وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن روينيو عملو پنهنجا فرض بنا خوف جي ادا ڪري سگهي, تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن جي صدر سردار شاهه چيو ته روينيو کاتي جو عملو هرقومي فرض توڙي هنگامي صورتحال ۾ اڳڀرو هوندو آهي ان ڪري حڪومت سندن سيڪيورٽي ۽ سماجي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي جڏهن ته ڪراچي سميت ٻين هنڌن تي روينيو عملدارن ۽ عملي سان پيش ايندڙ اڻوڻندڙ واقعا مذمت جوڳا آهن جن جو ازالو ٿيڻ گهرجي.