ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 9 کاتن جي ڪامورن کي 18۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو فيصلو، چيف سيڪريٽري پاران 28 اپريل تي سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس طلب، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، صحت، سوشل ويلفيئر، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، تعليم، توانائي، آبپاشي، ليبر ۽ گهرو کاتن جي ڪامورن کي به مٿين گريڊن م ترقيون ڏنيون وينديون، صوبائي سروسز ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن کي 19هين گريڊ م ايڊيشنل سيڪريٽري طور ترقيون ڏنيون وينديون، سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ ترقين لاءِ 9 کاتن جي ايجنڊا رکي وئي آهي،