مريد شاخ (ن پ ا) سنڌ- پنجاب دنگ تي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن باوجود ڏوهارين جي مڳي ختم نه ٿي، ڌاڙيلن هڪ مهينو اڳ پنجاب جي ظاهر پير ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ لعل آرائين مان اغوا ڪيل نوجوان غلام عربي تي تشدد جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. وارثن پاران حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائي سگهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل مغوي نوجوان کي ڪپڙن کان آجو  ڪري وڻ سان الٽو لٽڪائي مٿس بي رحماڻو تشدد ۽ بازيابي لاءِ وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن. هوڏانهن مغوي نوجوان جي امڙ مسمات حسينه جو چوڻ آهي ته اسان غريب ماڻهو آهيون، ڀنگ جي ايتري رقم ڪٿان آڻيون. هن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته  پٽ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان جلد بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.