غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجهو اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي. اوڳاهي برادري جي ماڻهن پاران شهر جي بس اڏي ڀرسان مبينا طور تيغاڻي برادري جي هڪ ڄڻي عبدالرشيد تيغاڻي کي يرغمال بڻائي کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع ملڻ تي تيغاڻي برادري جا ماڻهون هٿيار کڻي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي آهي. ذريعن موجب هڪ هفتو اڳ تيغاڻي برادري جي هٿياربندن پاران ميرواھ واري علائقي ۾ ڪاھ ڪري هٿيارن جي زور تي ڳوٺاڻي سڄڻ اوڳاهي کي يرغمال بڻائي چوپايو مال  ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ اوڳاهي برادري جي ماڻهن پاران پلاند ۾ رستي ويندڙ نوجوان عبدالرشيد تيغاڻي کي يرغمال بڻائي کيس کڻي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي حد جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.