روهڙي (ن پ ا) روهڙي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 2 تي جي ڊي اي  اميدوار خانزادو ميراڻي جي حق ۾ آزاد اميدوار نبي بخش ميراڻي هٿ کڻي ويو. فنڪشنل ليگ اڳواڻ غضنفر شاهه موسويءَ جو ان موقعي تي چوڻ هو ته ضلعي سکر ۾ جي ڊي اي جا نامزد سمورا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. فنڪشنل ليگ هميشه غريب ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي. سنڌ ۾ سالن کان قابض بڻيل پ پ عوام کي بنيادي سهولتون به فراهم نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي.