ڪنب (ن پ ا) فقيرآباد ٽائون وارڊ 5 جي، جي ڊي اي اميدوار جي گهر تي مبينا پوليس چڙھائي، اميدوار پيار علي  چنو کي کنڀڻ جي ڪوشش،ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي پوليس واپس موٽي وئي، پوليس پاران 20 ڄڻن خلاف ڪيس داخل. رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي وارڊ 5 تي جي ڊي اي اميدوار پيار علي چنا جي گهر تي ڪنب پوليس چڙھائي ڪري جي ڊي اي اميدوار پيارعلي چنا کي پوليس پاران کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران چنا برادريءَ جي ماڻھن مزاحمت ڪندي پوليس کي روڪي ورتو. منهن ماري بعد پوليس گرفتاريءَ بنا واپس موٽي ويئي. ان سلسلي ۾ پيارعلي چنا جو چوڻ هو ته ايس ايچ او ڪنب محمد خان سيال  پ پ اميدوار نثار خاصخيلي جي ونگار وهندي هراسان ڪري رهيو آھي. ٻئي طرف ڪنب پوليس پاران سرڪاري مدعيت ۾ اي ايس آءِ تقي محمد جمالي جي فرياد تي چنا برادري جي 20 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد هڪ ڄڻي وزير چنو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.