ڪيف(م ڊ) آمريڪا يوڪرين کي وڌيڪ هڪ  ارب ڊالرن جا هٿيار فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته چئن يورپي ملڪن يوڪرين جي نيٽو ۾ شموليت جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. مليل اطلاعن موجب يوڪرين جي علائقي ڊونباس ۾ روس جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ آمريڪا يوڪرين کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالرن جا هٿيار فراهم ڪندو انهن ۾ 35 ڪروڙ ڊالرن و سامان آمريڪي فوج فراهم ڪندي، 65 ڪروڙ ڊالرن جا هٿيارن جي ڪمپنين کان اوزار خريد ڪيا ويندا. ٻئي طرف فرانس جي صدر عمانوايل ميڪرون، جرمن چانسلر اولف شلز، اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگهي ۽ رومانيا جي صدر ڪلاز آئيو هينس گڏجي يوڪرين جي راڄڌاني ۾ صدر وولوديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هنن اعلان ڪيو ته چئني يورپي ملڪن يوڪرين کي فوري طور تي يورپي يونين جي ميمبرشپ جي اميدوار جو فوري طور درجو ڏيڻ واري تجويس جي حمايت ڪئي آهي. فرانس يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي وڌائيندو.