روهڙي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

0
163
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

روهڙي(ن پ ا) روهڙي ڀرسان علي واھڻ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل لڳڻ جي معاملي تان مھر ۽ عباسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ عبدالصمد مھر، خان محمد مھر وقار علي، نڀائو مھر، عبدالغفور مھر ، محمد عثمان عباسي، اسلام الدين، عباسي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي علاج لاءِ تعلقہ اسپتال روهڙي آندو ويو آهي جتان ھڪ ڌر جي زخمين کي سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، جهيڙي جي واقعي جو جھانگڙو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي.