روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو منڊو ديرو ريلوي  اسٽيشن ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوئلي سان ڀريل مال گاڏيءَ جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. اطلاع ملڻ تي لوڪوشيڊ مان رليف ٽرين طلب ڪئي وئي. امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون. منڊي ديرو ريلوي اسٽيشن ڀرسان مال گاڏي جون بوگيون لھي وڃڻ ڪري اپ ٽريڪ مڪمل بلاڪ ٿي ويو. ان ڪري مختلف ريل گاڏين کي روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بيھاريو ويو.