ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي ميمڻ محلي ۾  بجلي چورن خلاف ڪارروائي دوران  سيپڪو لائين مين درمحمد ڀٽي مٿان هٿياربندن مبينا فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو، ان ڏس ۾ ڀرياسٽي ٿاڻي تي ٻن جوابدارن غلام شبير ميمڻ ۽ نفيس ميمڻ خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس هڪ ڄڻي نفيس ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.