جوهي(ن پ ا) جوهي جي حسين آباد ڪالوني مان 25 ڏينهن اڳ پورهيت پيارو پنهور جي گهران هٿيار بندن هٿان  مبيناطور اغوا ڪيل 11 ورهين جي سجيلا پنهور قاضي احمد مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايچ او جوهي  ٿاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي  دعويٰ ڪندي چيو ته ڳجهي اطلاع تي قاضي احمد ۾ نوابشاهه باءِ پاس وٽ هڪ گهر ۾ ڇاپو هڻي سجيلا پنهور کي بازياب ڪرائي سندس اغوا ڪيس جي مک جوابدار نور احمد لنڊ کي بازياب ڪرايو آهي. پوليس موجب بازيابي بعد نينگر کي وومين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار نور احمد لنڊ کي لاڪپ ڪيو ويو آهي. نينگري کي اڄ طبي چڪاس بعد فرسٽ سول جج جوهي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف بازياب ٿيل سجيلا پنهور کي سندس پورهيت پيءُ پيار علي پنهور ڳلي لڳائي خوشي مان لڙڪ لاڙي ويٺو.ان دوران نينگري سجيلا  چيو ته مون کي نور احمد اغوا ڪري قاضي احمد وٺي ويو،هن پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اغوا دوران مون تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي گرفتار جوابدار ۽ ٻن زالن جي مڙس نور احمد لنڊ الزام هڻدي چيو ته مان هوٽل تي ڪم ڪندو آهيان، سجيلا کي مون اغوا نه ڪيو آهي، پر هو پاڻ مون وٽ اچي چيو ته بابا مون کي ماريندو آهي، کيس قاضي احمد مائٽن ڏانهن وٺي ويس. علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته نينگري کي راڄوڻي تحت بازياب ڪرايو ويو آهي.