حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن پهريون ڀيرو مائيڪرو ويوو ريڊيو ايبريليشن ويوو ٿراپي مشين ذريعي هڪ مريض جي جگر جو ڪينسر ختم ڪري ڇڏيو آهي. سول  اسپتال حيدرآباد جي سرجيڪل وارڊ نمبر 4 جي ڊاڪٽرن محمد نواز دل ۽ ڊاڪٽر ارشد ابڙو گڏيل طور مائيڪرو ويوو ريڊيو ايبريليشن ويوو ٿراپي مشين ذريعي جگر جي ڪينسر کي ڳارڻ جو عمل سرانجام ڏنو. 37 سالن جي مريض اسلم دل جو تعلق حيدرآباد ٻهراڙي جي ڳوٺ صالح دل سان آهي. آپريشن بعد مريض هوش ۾ اچي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن مطابق هن کاڌو پيتو واپرائڻ شروع ڪيو آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو. مريض جي ٿراپي دوران سول اسپتال حيدرآباد جا دل، الٽراسائونڊ ۽ بيهوشي سميت ٻين شعبن جا ماهر ڊاڪٽر به موجود هئا. صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو سول اسپتال حيدرآباد ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ٿراپي تي ڊاڪٽرن جي ٽيم جي ساراهه ڪئي آهي.