سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ تاريخي لئنسڊائون پل جي بحاليءَ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت، ڊي سي سکر شهزاد ٿهيم، چيف انجنيئر سردار شاهه، قديم آثارن جو ماهر قاصد ملاح، درخواستگذار وڪيل سهيل لطيف ميمڻ ۽ ٻيا پيش عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته بکر جو قلعو ڪنهن جي چوڻ تي سڪيورٽي فورسز جي حوالي ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم عدالت کي ٻڌايو ته سڪيورٽي فورسز سان ڳالهه ٿي آهي، جن قلعي جي بحالي جي خاطري ڪرائي آهي. عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته روهڙي هلز جي ٽوٽل ايراضي ڪيتري آهي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته روينيو جي ٽيم آرڪيالاجي کاتي سان گڏجي زمين جي ماپ ڪري رهي آهي، اروڙ يونيورسٽي، آءِ بي اي ۽ بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي روهڙي هلز تي ٺاهيون ويون آهن. سيڪريٽري ثقافت عدالت کي ٻڌايو ته ثقافت کاتي تحت 10ڊائريڪٽوريٽ ڪم ڪندا آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته گهڻن ڊائريڪٽوريٽ جي حالت گورک هل جهڙي ڪئي هوندي. سيڪريٽري ثقافت عدالت کي ٻڌايو ته سال 2007 ۾ لئنسڊائون پل کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو. سکر بئراج کي به قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ لکيو ويو آهي. وڪيل مطابق عدالت ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي ڊي آءِ جي سکر سان گڏجي گهوٽڪيءَ جي قديم آثارن واري هنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ سروي ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ تائين ڪريش پلانٽس بند رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آرڪيلاجي ماهر قاصد علي ملاح ۽ وڪيل سهيل لطيف ميمڻ موجب عدالت سکر لئنسدائون پل جي صفائي سٿرائي، لائيٽنگ سميت بحالي جو حڪم ڏنو آهي. ريلوي کاتي ان پل جي ذميواري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، سيڪريٽري ڪلچر مڪمل ذميواري کڻڻ بجاءِ چيو آهي ته اسان ڪم ڪرائينداسين باقي پل جي مالڪي اسان جي وس جي ڳالهه ناهي. سنڌ حڪومت اهو معاملو ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ يا لاڳاپيل کاتي حوالي ڪري. عدالت ڊي سي سکر کي حڪم ڏنو آهي ته ان تي پلان جوڙي سڀاڻي (اڄ) عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.