اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن مُلڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي ذخيري جي صورتحال ٻڌائي ڇڏي، پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ڄاڻايو ويو آهي ته مُلڪ 21 ڏينهن جو پيٽرول ۽ 36 ڏينهن جي ڊيزل جو اسٽاڪ موجود آهي. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته مُلڪ ۾ 4 لک 17 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول ۽ 5 لک ٽن ڊيزل جو اسٽاڪ موجود آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران مُلڪ ۾ فيول سپلاءِ چين ۾ خلل يا رنڊڪ وارين خبرن کي  رد ڪيو ويو آهي.