لاهور(م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ويجهي ساٿي اينٽي ڪرپشن جي تحويل ۾ بيان ڏيندي پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ ٻين تي اربين رپين جي ڪرپشن وٺڻ جا سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته هنن ترقياتي رٿائن تي ڪميشن ورتي. محمد خان ڀٽي اعترافي بيان ۾ چيو ته هڪ جج ڪڪ بيڪس وٺڻ لاءِ پنهنجي ٻن پٽن کي فرنٽ مين رکيو، پي ٽي آءِ قيادت ۽ چوڌري پرويز الاهي جي هدايت هئي ته جج جي پٽن جو ڪم نه بيهڻ گهرجي. هن چيو ته لاهور جي ماسٽر پلان تي مونس الاهي اربين رپيا ورتا، ميان امير محمود، نصرالله وڙائچ، چوڌري اعجاز کي فائدو ڏئي پئسا ڪمايا ويا. پرويز الاهي ۽ مونس الاهي گجرات جي 50 لک رپين جي ٽينڊر ۾ 35 سرڪڙو، بلڊنگ ڊويزن گجرات ۾ ساڍا 3 سيڪڙو، انڊسٽريل اسٽيٽ گجرات ۽ حافظ آباد ٽو گجرات روڊ تي 35، پنجاب ماس ٽرانزٽ بسن جي خريداري تي 10 سيڪڙو رشوت سهيل نالي فرنٽ مين وسيلي ورتي وئي. هن چيو ته اياز خان سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ ٺيڪي ۾ 7 سيڪڙو، هڪ جج جي فرنٽ مين ٻن پٽن ڪڪ بيڪس ورتي ۽ مقرريون به ڪرايون. محمد خان جي اربين رپين جي اثاثن جو به اعتراف سامهون آيو آهي، رائيونڊ ۾ سندس فارم هائوس آهي، مونس الاهي ذريعي شگر مل ۾ 25 ڪروڙن جي سيڙپ ڪيل آهي، رحيم يار خان شگر ملز ۾ 10 ڪروڙ لڳايل آهن، خواجه موٽرز لاهور ۾ 10 ڪروڙ، سرگوڌا مال نظام حيدر سان 7 ڪروڙن جي سيڙپڪاري ڪيل آهي. منڊي بهاءُ الدين ۾ 150 ايڪڙ زرعي زمين، 200 جانورن جو ڊيري فارم، جوهر ٽائون لاهور ۾ 8 مرلن جو گهر، هڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو زيرتعمير گهر، اتحاد ٽائون لاهور ۾ 7 مرلن جو ڪمرشل ۽ 10 مرلن جو رهائشي پلاٽ آهي، نوڪريون ڏيارڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ سوين ماڻهو ڀرتي ڪرائڻ تي ڪروڙين رپيا ورتا هئا. هن اعتراف ڪيو ته چمن سرحد وسيلي افغانستان فرار ٿي رهيو هيس ته پوليس پيچو ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا عدليا ۽ ڪامورا شاهي ۾ ڪافي گهرا ۽ خاطر خواهه لاڳاپا آهن خاص طور تي هنن جا جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس شاهد جاويد سان گهرا لاڳاپا آهن.