لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس واري فيصلي ۽ 30 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊن تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته چونڊون جڏهن به ٿين پيپلز پارٽي ان لاءِ تيار آهي پر آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا چونڊون تڪراري ۽ غيرآئيني هونديون ان لاءِ مطالبو ٿا ڪيون ته اسيمبلين جي چونڊن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ موڪلي پارليامينٽ کي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آئيني طور تي اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون لازمي آهن ته پوءِ پنجاب اسيمبلي 14 جنوري ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي 18 جنوري تي ٽٽي هئي ۽ صدر پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون 90 ڏينهن جي ڊيڊلائين 30 اپريل تي ڪرائڻ جي منظوري آئين جي خلاف قدم آهي ۽ آئين جي خلاف ورزي تي سپريم ڪورٽ ڇو خاموش آهي؟ سوال اِهو آهي ته ڇا آئين جي علمبرداري جي ڳالهه ڪندڙ اعليٰ عدليه چونڊن بابت آئين جي خلاف قدم کڻڻ جي صدر کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي؟ هن چيو ته عدالت پاڻمرادو نوٽيس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ٽوڙڻ ۾ وڏن وزيرن جو ڪهڙو ارادو هيو؟ عدالت ان نقطي کي نه ڏٺو آهي.هن چيو ته عمران خان جي ملڪ کي بحرانن طرف ڌڪڻ واري بحران تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين کي ٽوڙيو ويو آهي ۽ عدالت ٻنهي اسيمبلين جي ٽٽڻ جي پويان آئيني جواز ۽ ارادي کي نه ڏٺو آهي.