ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ  ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون  سان گڏجي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪيو. ايس ايس پي پاران ڪچي ۾ قائم پوليس اسٽيشنن ۽ پوليس پڪٽس جو ڊي آءِ جي کي معائنو ڪرايو ويو.پوليس پريس رليز موجب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه جو ڪچي ۾ هلندڙ ڏوهارين خلاف آپريشن جي واکاڻ ڪئي وئي.ڊي آءِ جي پاران آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.ايس ايس پي عرفان سمون موجب پوليس ڪچي جي علائقي ۾ پنهنجو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي دهشت کي ختم ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي موجب ڪچي اندر ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڪم بنا وقفي جي جاري آهي.